30 سالن کان رينجرز ڪراچي ۾ ڇو ويٺل آهي؟سنڌ سرڪار وٽ پئسو جام آهي:شبر زيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي   ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن 2 ڪروڙ 50 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، آبادي جي واڌ جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي، ۽ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن  جيڪي سڀ انگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مان شمار ٿين ٿا،تڏهن به اسان دعويٰ ڪريون ٿا ته معاشي اشاري بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته 1947 کان 2026 تائين اسان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهيون،هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته  پاڪستاني ميڊيا، بنيادي معاشي مسئلن کان هٽي وئي آهي ۽ ڄاڻي واڻي عام ماڻهن جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،هوڏانهن سوشل ميڊيا تي شبر زيدي جا مختلف ڪلپ وائرل آهن هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ايترا پئسا آهن جو ان کان خرچ نٿا ٿين،مون کي خبر آهي مان نگران دور ۾ ناڻي وارو وزير رهي چڪو آهيان، 30 جون 2013ع تي سنڌ حڪومت وٽ 150 ارب رپيا بچي ويا هئا،ڪراچي ۾ هڪ تمام وڏي ماڻهو مون کي گهرائي چيو ته توهان ناڻي وزارت ڇڏيو،اسان غلط ماڻهو جي چونڊ ڪئي آهي،نگران دور ۾ پوءِ مون کي روينيو وزارت ڏني وئي،هن چيو ته دنيا جو ڪهڙو شهر آهي جتي 30 سالن کان رينجرز ويٺل هجي،30 سالن کان شهر جي انتظاميا رينجرز وٽ آهي ڪنهن مائي جو لال آواز نٿو اٿاري ته رينجرز هتي ڇو ويٺي آهي؟هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي ٿوري دير ۾ فون به اچي ويندو پر مون کي اهو ٻڌايو وڃي ته رينجرز ڪراچي ۾ ڇو ويٺل آهي؟يا ته اسان پوليس کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيون؟اسان ان رينجرز کي هتي ويهڻ لاءِ پئسا ڏئي رهيا آهيون،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.