ڪراچي(نويد زبيري)صدر زرداري پاران عمران خان تي تنقيد جي پٺيان سبب اهو آهي ته اچانڪ سامهون اچي سخت موقف اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن موجب اهڙي گفتگو سينئر سياستدان لاءِ مناسب ناهي، پر زرداري اهڙو انداز اختيار ڪيو.سينئر تجزئي نگارن جو خيال آهي ته شايد ڪا پردي پٺيان ڳالهه آهي، ڇو ته زرداري عام طور تي اهڙي سخت ٻولي گهٽ استعمال ڪندو آهي،پنجاب ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اها ڳالهه پرچار ڪئي وئي ته نئين ڊيل يا معاملي ۾ صدرزرداري کي ڪا ذميواري ڏني وئي آهي يا هن کان درخواست ڪئي وئي آهي ته ڪنهن مسئلي کي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري۔زرداري جو بيان شايد هڪ ئي وقت ٻن مقصدن لاءِ هو هڪ ته پي ٽي آءِ پاران مٿان لڳايل الزام کي رد ڪرڻ،ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪڏهن عمران خان ملڪ کان ٻاهر علاج يا هائوس اريسٽ لاءِ وڃن، ته عوام ۽ مخالف ڌر کي اڳ ۾ هڪ تاثر ملي.اڳ ۾ به ڪيترائي سياستدان جيل مان اسپتال منتقل ٿيا، ملاقاتون ٿيون، ۽ سوشل ميڊيا جي غير موجودگي سبب خبرون محدود هيون، جڏهن ته هاڻي سوشل ميڊيا وسيلي خبرون تڪڙيون پکڙجن ٿيون.موجوده حالتن ۾، صدر جو بيان شايد مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۽ عوامي تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ آهياها ڳالهه واضح آهي ته سينئر سياستدانن جي طور تي، زرداري جو مقصد صرف شخصي دفاع نه پر سياسي ۽ سماجي تناظر ۾ موقف واضح ڪرڻ آهي.