ڪراچي(عوامي آواز نيوز)صدر زرداري جي عمران خان بابت بيان تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل آهي،سينئر صحافي منيزي جهانگير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صدر زرداري جو جنسي تعصب سان ڀريل بيان ٻڌي گهڻو افسوس ٿيو،بينظير ڀٽو سخت جيل سکر ۾ ڪاٽي هئي، جتي سخت گرمي هوندي هئي ۽ مناسب علاج نه ٿيڻ سبب سڄي عمر کيس ڪن جي تڪليف رهي۔منيزه جهانگير وڌيڪ لکي ٿي ته اڄ به 75 ورهين جي ڪينسر جي مريضه ياسمين راشد جيل ۾ نظر بند آهي،اهڙي اعليٰ عهدي تان تعصب ڀريا بيان اچڻ نه گهرجن، سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا لکيو ته دنيا جو اٺون عجيب واقعو اهو آهي ته آصف علي زرداري جيڪو جيل ۾ سخت بيمار هو، پر ٻاهر نڪرڻ سان ئي اوچتو صحتمند ٿي ويندو هو،صحافي مطيع الله جان لکيو ته ملڪ جو صدر، جيڪو ملزمن جي رحم جي اپيلن ۽ سزا معافي جي درخواستن تي آئيني طور فيصلو ڪندو آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي سياسي مخالفن بابت سرعام طنز ۽ جگت بازي ڪري، ته ڇا هو اهڙي آئيني ذميواري نڀائڻ جو اهل رهي ٿو؟ڇا بينظير ڀٽو، هڪ عورت هئڻ باوجود، بهادر نه هئي؟ڇا آصفه ڀٽو زرداری ۽ بختاور ڀٽو زرداری پنهنجي ماءُ وانگر جرئت ۽ همت واريون ناهن؟يا ڇا عورت هجڻ جو مطلب صرف روئڻ ڌوئڻ سان جوڙيو وڃي ٿو؟هن چيو ته اهڙا لفظ جنسي امتياز (جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ ملڪ جي صدر کي اهڙو بيان ڏيڻ مناسب ناهي، صدر آصف زرداري کي عورتن بابت پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 2019ع ۾ هو ۽ آصف علي زرداري گڏ جيل ۾ هئا۔زرداري کي جيل ۾ بي ڪلاس جون اعليٰ سهولتون حاصل هيون، جن ۾ پنج الڳ ڪمرا بيڊمينٽن کيڏڻ لاءِ ڪورٽشام جو سير (واڪ) ڪرڻ جو آپشن اعليٰ معيار جو کاڌودوائون وقت تي ايئر ڪنڊيشنر جي سهولت الڳ غسل خانو شامل آهن، صحافي ڪامران خان جي دعويٰ موجب آصف علي زرداري جيل بدران پمز اسپتال جي هڪ “آرامده سوئيٽ” ۾ وقت گذاريو، جتي کيس شاهاڻيون سهولتون حاصل هيون۔پوءِ زرداري اهو دعويٰ ڪري ٿو ته “مون جيڪا سخت قيد برداشت ڪئي آهي، دنيا ۾ ڪنهن به ناهي ڪئي؟صحافي مهه پارا صفدر لکيو ته آصف علي زرداری ۽ عمران خان جي جيل جي ڀيٽ مناسب ناهي،عمران خان کي ضمير جي بنياد تي سياسي قيد ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا ڪرپشن جي الزام ۾ جيل ويو،وائيٽ ڪالر ڪرائمز عدالتن ۾ ثابت نه ٿيون ٿين، پر ان جو مطلب نه آهي ته ڪرپشن نه ٿي۔لنڊن ۾ “سري محل” ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس زرداري جي دور اقتدار ۾ اهم هئا۔ڪراچي ۾ پنج لک ڊالر بيگ ۾ وٺي وڃڻ واري ڪيس ۾ ڪسٽمز انسپيڪٽر قتل ٿيو ۽ ڪيس فائلن ۾ دفن ٿي ويو،صحافي ثمر عباس چيو ته نواز شريف،شاهد خاقان عباسي،شهبازشريف ۽ آصف علي زرداري لانڍي جيل ۾ قيد هئا، پر پوري جيل ۾ هڪ به ڪيمرا موجود نه هئي جڏهن معاملو عمران خان جي جيل جو ٿيو، ته اڊياله جيل ۾ شاور تائين نگراني ڪئي وئي،اهو عملسياسي انتقام ۽ ٻٽي معيار جو مظاهرو آهي،اينڪر مهر بخاري چيو ته نواز شريف کي مرضي جو ڊاڪٽر، مرضي جي اسپتال ۽ مرضي جي جيل فراهم ڪئي وئي۔آڪٽوبر 2019 ۾ مريم صفدر کي سروسز اسپتال جي وي وي آءِ پي روم ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هن نواز شريف سان ملاقات ڪئي،اينڪر عامر متين چيو ته صدر زرداري جو عورتن بابت بيان نامناسب آهي،هن وٽ اڄ جيڪو عهدو آهي اهو شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري آهي،سڀني کي خبر آهي ته صدر زرداري 14 سال جيل ڪيئن ڪاٽيو آهي،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته آصف علي زرداري جي ڊگهي قيد ظلم هو پر وڏي بدقسمتي آهي ته اڄ هو ڄاڻي واڻي ناانصافي سان گڏ بيٺو آهي،للڪار ڪري ظلم ۽ فسطائيت جو سرخيل بڻيل آهي،