سنڌ کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ مثالي صوبو بڻايو ويندو: ضياءُالحسن لنجار

ڪراچي (رپورٽر) ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ، فيڊريشن هائوس ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي اعزاز ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته معاشي خوشحالي جو سڌو سنئون واسطو امن امان سان آهي ۽ ڪراچي پاڪستان جو معاشي انجڻ آهي. هن هرو وزير جي قيادت ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. عاطف اڪرام شيخ وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري سنڌ کي سيڙپڪاري لاءِ محفوظ علائقو بڻائڻ لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن آءِ جي سنڌ جاويد اختر اوڍو جي مقرري کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪئي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار ان موقعي تي چيو ته سنڌ کي هر طرح سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ هڪ مثالي صوبو بڻايو ويندو. ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر عبدالمهيمن خان گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪاروباري برادري جي خدشن کي ٻڌڻ لاءِ سندس شڪريو پڻ ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.