عمران خان ۽ پهريون ڀيرو بئڪ فٽ تي آيل حڪومت

تحرير: نصرت جاويد

تحريڪ انصاف جي باني جي بيماري جي خبر ملندي ئي مون بنا لڪ لڪوٽ جي هن ليک ۽ ٽي وي اسڪرين ذريعي سرڪار مائي باپ کي فرياد ڪئي ته سزا يافته قيدي جا به ڪجهه حق هوندا آهن، جن کي حڪومتون نظرانداز نٿيون ڪري سگهن۔ سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڪرڪيٽ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيندڙ عمران خان وطن عزيز جا وزيراعظم به رهي چڪا آهن۔ سپريم ڪورٽ جي فرينڊ آف ڪورٽ سلمان صفدر ذريعي هن دعويٰ ڪيو ته هو اڊيالا جيل جي اڳوڻي سپرنٽنڊنٽ کي بار بار چوندو رهيو ته سندس ساڄي اک جي نظر متاثر ٿي رهي آهي ۽ کيس اکين جي ماهر ڊاڪٽر جي ضرورت آهي، پر سندس اها درخواست نظرانداز ڪئي وئي۔ آخرڪار لاڳاپيل آفيسر جي بدلي کان پوءِ نئين مقرر ٿيل جيلر ٽي ڀيرا سندس اک جو معائنو ڪرايو۔ جيل ۾ سندس بيماري جو اطمينان بخش علاج ممڪن نظر نه پئي آيو، تنهن ڪري کيس 24 ۽ 25 جنوري جي وچ واري رات اسلام آباد جي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

اڄ به مون کي ان سوال جو جواب نه مليو آهي ته جڏهن باني تحريڪ انصاف کي علاج لاءِ رات جو پمز آندو ويو ته حڪومت پاڻمرادو عوام کي آگاهه ڇو نه ڪيو؟ جيڪڏهن اها خبر باضابطه جاري ڪئي وڃي ها ته سازشي ڪهاڻين جي گنجائش گهٽجي وڃي ها۔ پمز جهڙي اسپتال ۾ عمران خان جهڙي مشهور شخصيت جي آمد لڪائڻ ممڪن نه هئي۔ رات دير سان اکين جا مريض گهٽ ايندا آهن، تنهن ڪري اهڙي اچ وڃ لڪل نه رهي سگهي ٿي۔ ڊاڪٽرن ۽ عملي کان خبر ميڊيا تائين پهچڻ فطري ڳالهه هئي۔ جڏهن خبر پکڙجي وئي تڏهن به حڪومت تصديق ۾ دير ڪئي، جنهن سبب نه صرف عمران خان جي حامين پر غير جانبدار ۽ ڪجهه ناقدن ۾ به شڪ پيدا ٿيو ته شايد ڪجهه لڪايو پيو وڃي۔ نتيجي ۾ اندهي نفرت ۽ عقيدت تي ٻڌل تاويلن جو سيلاب اچي ويو۔

ان دوران سياسي معاملن کان ڪناره ڪش ٿيل سپريم ڪورٽ 2023ع ۾ عمران خان طرفان داخل ڪيل هڪ درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي۔ اها درخواست مون جهڙي قانوني بارڪين کان اڻواقف شخص کي وقت گذرڻ سبب غير مؤثر لڳي ٿي۔ پر ان بحث کان سواءِ، چيف جسٽس صاحب عمران خان جي هڪ سگهاري وڪيل سلمان صفدر کي فرينڊ آف ڪورٽ مقرر ڪندي اڊيالا جيل وڃي قيد عمران خان جي حالت جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو۔ هن ٽي ڪلاڪ قيدي سان گذاري ست صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي۔ بدقسمتي سان ڪيترن صحافين رپورٽ غور سان پڙهڻ بدران پسند جا حصا چونڊي سوشل ميڊيا تي پکيڙيا۔ عمران خان جي حامين لاءِ اهم دعويٰ اها هئي ته سندس ساڄي اک جي 85 سيڪڙو نظر ضايع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مخالفن جيل ۾ مليل وي آءِ پي سهولتن کي اجاگر ڪندي ياد ڏياريو ته عمران حڪومت دوران نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي اهڙيون سهولتون نه مليون هيون۔ جيل ۾ عياشي جا طعنا ۽ مڪافاتِ عمل جا ذڪر شروع ٿي ويا۔

قيامِ پاڪستان کان وٺي تقريباً هر حڪومت سياسي مخالفن ۽ ناقدن کي تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ پر اقتدار ۾ واپسي ڪندڙ سياستدانن به ماضي مان سبق نه سکيو۔ هنن ظلم ڪندڙ اهلڪارن کي مثال بڻائڻ بدران ساڳين کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو۔ مڪافاتِ عمل اڃا تائين ڪنهن سياستدان کي مثبت روايتون قائم ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهيو آهي۔ منهنجي تجربي موجب جيڪڏهن تحريڪ انصاف ٻيهر اقتدار ۾ آئي ته شايد اها به هن مفهوم مان ڪجهه نه سکندي ۽ ناقدن سان حساب برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي۔

اصل موضوع ڏانهن موٽندي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته شايد هڪ غير مؤثر درخواست تي سپريم ڪورٽ جي سرگرمي حڪومت کي ڊيمج ڪنٽرول ڪرڻ جو اشارو هو۔ تحريڪ انصاف کي حڪومت کي غلطيون سڌارڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ گهرجي ها، پر پارليامينٽ ۽ ڪي پي هائوس ۾ ڌرڻن ذريعي دٻاءُ وڌايو ويو۔ حڪومت انهن کي غير مؤثر ڪرڻ لاءِ طاقت جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو۔

ڪيترن مهينن کان هر اڱاري تي عمران خان جون ڀينرون اڊيالا جيل ڏانهن وينديون آهن، جتي کين اڳ ئي روڪيو ويندو آهي ۽ هو اتي ئي ڌرڻو هڻنديون آهن۔ سوشل ميڊيا تي انهن ڌرڻن جي لائيو ڪوريج ٿيندي رهي آهي۔ خيال اهو رکيو ويندو آهي ته ماڻهن جو وڏو انگ احتجاج لاءِ گڏ ٿيندو، پر ائين نه ٿيو۔ حڪومت شايد ڄاڻي واڻي اهڙي ڪوريج روڪڻ کان پاسو ڪندي رهي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته مقبول ترين اڳواڻ جي حمايت ۾ محدود ماڻهو گڏ ٿين ٿا۔ نومبر 2024ع ۾ رياستي طاقت جي استعمال کان پوءِ ماڻهو خوفزده آهن۔ تنهن ڪري تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي هر ٻئي ڏينهن ڪارڪنن کي جبر جي حوالي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔ محمود خان اچڪزئي جهڙا اڳواڻ نسبتاً محتاط حڪمت عملي اختيار ڪندي نظر اچن ٿا، پر سوشل ميڊيا تي کين تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي۔

منهنجي راءِ ۾ عمران خان جي جيل وڃڻ کان پوءِ حڪومت پهريون ڀيرو بئڪ فُٽ تي وئي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ ڌرڻن بدران سندس مؤثر علاج تي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ آخرڪار ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جا بئڪ ڊور ڳالهيون ئي هن معاملي جو حل ٿي سگهن ٿيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.