ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي زندگي جي اهڙي واقعي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو نه رڳو کيس ڊيڄاري ڇڏيو پر ڊگهي عرصي تائين شرمساري جو احساس به ڏياريو.
اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي پکڙيل بالي ووڊ سفر دوران ڪيئي ڪاميابيون ماڻيندڙ ايڪشن اسٽار جي زندگي ۾ هڪ اهڙو وقت به آيو هو جڏهن کيس لڳو ته معاملو بگڙي ويو آهي ۽ سندس ڪيريئر تباهه ٿي سگهي ٿو.
اهو انڪشاف هن ريئلٽي شو ” وهيل آف فارچون“ جي خاص قسط ۾ ڪيو، جتي ڳالهه ٻولهه دوران کائنس زندگي جي سڀ کان ”وڏي بي عزتي“ واري لمحي بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هو ماضيءَ جي هڪ تقريب کي ياد ڪندي سنجيدا ٿي ويو.
اڪشي ڪمار موجب، هڪ وڏي خاندان جي پارٽي هئي جتي سندس ويجهي دوست جي هڪ همراهه سان منهن ماري ٿي هئي، جيڪو مسلسل سندس دوست کي گاريون ڏئي رهيو هو.
اداڪار چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا کيس روڪيو ۽ وارننگ ڏني، پر هو نه مڙيو، صورتحال ايستائين وڃي پهتي جو سندس دوست روئڻ لڳو.
اداڪار ٻڌايو ته هن چار پنج ڀيرا کيس خبردار ڪيو، پر هو نه مڙيو ۽ گاريون ڏيندو رهيو ته هو به پاڻ تي قابو نه رکي سگهيو ۽ کيس چماٽ وهائي ڇڏي، چماٽ ايتري زورائتي هئي جو همراهه بيهوش ٿي ويو.
ان گهڙي ۾ اڪشي کي ڊپ ورائي ويو ۽ هو دل ئي دل ۾ دعا گهرڻ لڳو ته ڪٿي ڪو سنگين مسئلو نه کڙو ٿي وڃي.
هن اعتراف ڪيو ته ان وقت سندس دوست واقعي شرمندگي ۽ ڏک سبب روئي رهيو هو ۽ بيهوش همراهه کي پاڻيءَ جا ڇَنڊا هڻي اُٿاريو ويو، جنهن تي هن سُک جو ساهه کنيو.
اداڪار وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اڄ اهڙو واقعو پيش اچي ته هو قطعي اهڙو ردعمل نه ڏيندو، پر خاموشيءَ سان اتان هليو ويندو. هن ان کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان شرمناڪ تجربو قرار ڏنو، جنهن کي هو بدلائڻ چاهي ٿو.
”لڳو ته سڀ ختم ٿي ويندو “ اڪشي ڪمار ماضيءَ جي غلطي تي شرمسار، سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏيائين
Prev Post
You might also like