شرجيل ميمڻ جماعت اسلامي اڳواڻ طرفان پوليس تي پٿراءُ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جماعت اسلامي جي اڳوڻو ايم پي اي عبدالرشيد جي پوليس تي پٿراءُ ڪرڻ واري وڊيو هلائي ۽ چيو ته اهو ڪهڙو قانون آهي جيڪو پوليس تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ۽ پوءِ به ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي؟
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته جماعت اسلامي جو اڳوڻي ايم پي اي عبدالرشيد پوليس کي پٿر هڻڻ جو چئي رهيو آهي، دنيا ۾ ڪهڙو قانون توهان کي پوليس کي پٿر هڻڻ اجازت ڏئي ٿو؟
صوبائي وزير چيو آهي ته پ پ اظهار راءِ تي يقين رکي ٿي، پر ائين نه ٿيندو ته جڏهن وڻي، ڪا به جماعت شهر جي مرڪزي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهي.
جماعت اسلامي جي شارع فيصل تي جلسي سبب ماڻهن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ڇنڇر واري ڏينهن جماعت جا ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿيا.
هن چيو ته جڏهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، ته پوليس کي مجبوري ۾ شيلنگ ڪرڻي پئي. اسان چاهيون ٿا ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿين، جمهوريت ۾ احتجاج جو حق سڀني کي حاصل آهي.
صوبائي وزير چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ عوام کي تڪليف ڏيڻ جو اختيار ڪنهن کي نه آهي، هنن ايوان ۾ احتجاج ڪيو، ڪنهن به کين نه روڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن سڀني کي روڊ بند ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته عوام ڪاڏي ويندو ؟ توهان شارع فيصل تي احتجاج ڪيو، پر اجازت ناهي ورتي.
شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته جيڪڏهن توهان کي احتجاج ڪرڻو آهي ته اسان توهان کي جاءِ ڏيون ٿا، اسيمبلي کان ٻاهر احتجاج جي ڏينهن به انتظاميا ساڻن رابطي ۾ هئي، انتظاميا کين چيو هو ته ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.