ايراني پاسدارانِ انقلاب آبنائي هرمز ۾ جنگي مشقون شروع ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب آبنائي هرمز ۾ ”اسمارٽ ڪنٽرول آف دي اسٽريٽ آف هرمز“ مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
پرڏيهي خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب، ايران جي گڏيل مشقن جي نگراني ۽ فيلڊ مانيٽرنگ پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر ميجر جنرل محمد پاڪپور ڪري رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جنگي مشقن جو بنيادي مقصد پاسدارانِ انقلاب بحريه جي يونٽن جي آپريشنل تياري جو جائزو وٺڻ، آبنائي هرمز واري علائقي ۾ امڪاني حفاظتي ۽ فوجي خطرن جي صورت ۾ جوابي فوجي ڪارروائي لاءِ منصوبن جو جائزو وٺڻ ۽ نار ۽ عماني سمنڊ ۾ ايران جي جاگرافيائي ۽ حڪمتِ عملي جي اهميت جو اثرائتو استعمال آهي.
واضح رهي ته پاسدارانِ انقلاب طرفان آبنائي هرمز ۾ سامونڊي مشقن جو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ وچ اوڀر ۾ هڪ ٻيو جهاز بردار سامونڊي جهاز موڪلڻ جو اشارو ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.