ڀارت هٿان شڪست: محمد يوسف جو ڪرڪيٽ ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان بدترين شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ڪرڪيٽ ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان 61 رنسن تان شڪست تي محمد يوسف به خاموش نه رهيو ۽ ٽيم جي شرمناڪ هار تي افسوس جو اظهار ڪيو.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ” هيءُ اسان جي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان اونداهو دور آهي، دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، نااهل ماڻهن کي عهدن ۽ ٽيم مان به ٻاهر ڪرڻو پوندو.“
محمد يوسف جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ مان سياسي مداخلت ۽ ذاتي ايجنڊائن جي خاتمي تائين اِها ٽيم نه ٺهي سگهندي جيڪا ڪڏهن هوندي هئي.“
ٻئي پاسي سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي محمد يوسف پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ” شاهين آفريدي، بابر اعظم ۽ شاداب خان جو وقت گذري چڪو آهي، پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم کي هاڻي نون پرفارمرز جي ضرورت آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.