ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ: ڀارت هٿان شرمناڪ شڪست، بابر ۽ شاهين کي آخري گروپ ميچ ۾ نه کيڏائڻ تي غور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان شرمناڪ شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيم مئنيجمينٽ سينيئر رانديگرن طرفان اهم ميچن ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي مايوس آهي.
ذريعن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ طرفان نميبيا خلاف شيڊيول ميچ لاءِ بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي کي نه کيڏائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
پليئنگ اليون بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته نميبيا خلاف ميچ ۾ ٽيم ۾ ٻه کان ٽي تبديليون ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ سينيئر رانديگرن جي جاءِ تي بينچ اسٽرينٿ کي موقعو ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي .
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ آخري گروپ ميچ 18 فيبروري تي نميبيا خلاف کيڏندي ۽ هي ميچ ڊو اينڊ ڊائي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، ڇو ته پاڪستان کي سپر ايٽ مرحلي تائين ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ نميبيا کي لازمي طور هارائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.