ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوراڪ کاتي 4 ڊويزنز مان مجموعي طور 16 ارب 41 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن مان به 2 ارب 58 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ هڪ لک 76 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
ان کان اڳ خوراڪ کاتي طرفان شهيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 13 ارب 83 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي.