ريڊ زون ۾ احتجاج: پي ٽي آءِ جي ستن پارليامينٽ ميمبرن سوڌو 55 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس ريڊ زون ۾ مظاهرو ڪرڻ ۽ پوليس اهلڪارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ ستن پارليامينٽ ميمبرن سميت 55 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ڪيس پوليس اهلڪار جي فرياد تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ دهشتگردي ايڪٽ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي.
سنگجاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اسحاق جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو 15 فيبروري تي پارليامينٽ لاجز ۽ پارليامينٽ هائوس آڏو ڊيوٽي تي مقرر هو، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ست پارليامينٽ ميمبر ٻين ڪارڪنن سان گڏ مظاهرو ڪري رهيا هئا.
درخواستگذار موجب، جڏهن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مظاهرين نه رڳو سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کين روڪيو ته اهو زنده نه بچندو.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مظاهرين جو انگ لڳ ڀڳ 50 کان 55 هو ۽ احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ باهه وارو مواد، ڏنڊا ۽ ٻيو سامان موجود هو.
ٻئي پاسي پوليس پارليامينٽ هائوس ٻاهران مظاهرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل چئن جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري سندن پنجن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پڻ حاصل ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.