حڪومت جو ماهرن کان بدعنواني جو جائزو ۽ سفارشون وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل جي جاري ڪيل تازي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ آزاد ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن انهن شعبن جي نشاندهي ڪري سگهجي جتي بدعنواني خلاف اپائن ۾ پاڪستان پوئتي آهي. وزيراعظم جو ارادو آهي ته ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ نشاندهي ڪيل خامين کي صوبائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ذريعي ختم ڪيو وڃي. ذريعن موجب، وزيراعظم ماهرن جي سفارشن تي ٻڌل هڪ جامع پاليسي رد عمل تيار ڪرڻ چاهي ٿو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سي پي آءِ 2025 ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي عالمي سطح تي مليل جليل جائزن جي عڪاسي آهي. پاڪستان 100 مان 28 نمبر حاصل ڪيا ۽ 182 ملڪن ۾ 136هين نمبر تي رهيو جڏهن ته 2024 ۾ ان جو اسڪور 27 ۽ درجابندي 180 ملڪن ۾ 135 هئي. حڪومت کي اميد آهي ته آزاد تجزئي جي بنياد تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط حڪمت عملي پاڪستان جي ايندڙ درجابندي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪ جي اندر بدعنواني خلاف نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.