نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بُڪر انعام ماڻيندڙ ناليواري ڀارتي ليکڪه ارونڌتي راءِ احتجاجن سبب ”برلن فلم فيسٽيول“ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ارونڌتي راءِ جمعي ڏينهن اعلان ڪيو ته هوءَ جيوري جي صدر وِم وينڊرز جي تبصرن سبب برلن فلمي ميلي تان هٿ کڻي رهي آهي.
ارونڌتي راءِ جرمن هدايتڪار ۽ جيوري چيئرمين وِم وينڊرز جي اسرائيل بابت بيان جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهڙا بيان انساني خلاف ڏوهه تي ڳالهائڻ کان روڪڻ جو ذريعو بڻجن ٿا.
هن چيو ته اکين آڏو ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ فنڪارن، اديبن ۽ فلمسازن کي پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
هن اسرائيل ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا، جرمني ۽ ٻين ملڪن جي حمايت انهن کي جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻائي ٿي.
واضح رهي ته وِم وينڊرز اسرائيل لاءِ جرمن حمايت واري سوال تي چيو هو ته فلمسازن کي سياست کان پري رهڻ کپي ۽ جيڪڏهن هو سياسي فلمون ٺاهيندا ته سياسي ميدان ۾ داخل ٿي ويندا.