ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ آئرش بيٽر عماني بالرن خلاف ڇڪن چوڪن جي برسات ڪندي جاري ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهي عمان کي 96 رنسن جي وڏي مارجن تان مات ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان جي ڪپتان جتيندر سنگهه ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو شروع ۾ لاڀائتو ثابت ٿيو، هڪ موقعي تي چار آئرش بيٽر رڳو 64 رنسن تي پويلين موٽي چڪا هئا.
ان کانپوءِ ڪپتان لورڪن ٽڪر ۽ گيرٿ ڊلاني وڪيٽ جي چئني پاسي شارٽ کيڏندي 101 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ڊلاني 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
لورڪن ٽڪر چئن ڇڪن ۽ ڏهن چوڪن جي مدد سان ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڏي 94 رنسن جي انفرادي اننگز کيڏي، جڏهن ته جارج ڊوڪريل نوَ بالن تي 5 ڇڪن جي مدد سان 35 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، اهڙي ريت آئرلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسن جو جبل کڙو ڪيو.
آئرلينڊ جي 236 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي عمان جي پوري ٽيم 18 هين اوور ۾ 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي طرح آئرلينڊ ميچ ۾ 96 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
عمان جي عامر ڪليم 50 ۽ حماد مرزا 46 رنسن ٺاهي نمايان رهيا، شاندار بيٽنگ تي آئرش ڪپتان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.