” اڳوڻا ۽ هاڻوڪا ڪرڪيٽر ڊنل آهن“ عمران خان بابت اجئه جاڙيجا جي پوسٽ بعد پاڪستاني رانديگر ۽ فنڪار ميدان تي اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سياسي جماعت تحريڪِ انصاف)پي ٽي آءِ ) جي اڳواڻ عمران خان جي صحت بابت سياسي اڳواڻن سان گڏ اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ اداڪارن به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي لکيو آهي ته ”هي دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته اسان جو ڪپتان عمران خان صحت جي مسئلن مان گذري رهيو آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته لاڳاپيل عملدار هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺندا ۽ يقيني بڻائيندا ته کيس بهترين طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.“
ان کان اڳ اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر لکيو ” گذريل ٽن مهينن کان مان آمريڪا ۾ عمران خان جي شوڪت خانم ڪينسر اسپتال لاءِ فنڊ گڏ ڪري رهيو آهيان، مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته سندس نظر ختم ٿي وئي آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته کيس بهترين علاج ملندو ۽ مان سندس جلدي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.“
ياد رهي ته ان کان اڳ اڳوڻن ڀارتي رانديگرن به عمران خان جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو هو.
اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر اجئه جاڙيجا ايڪس تي لکيو ته ”عمران خان کي جيل ۾ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.“
سندس چوڻ هو ته ”عمران خان جيل ۾ پنهنجي اک وڃائي چڪو آهي. چيو پيو وڃي ته هاڻي سندس نظر رڳو 15 سيڪڙو بچي آهي ۽ اهو ڏاڍو افسوسناڪ آهي.“
ان کان پوءِ هن هڪ ٻي پوسٽ به ڪئي ته ” مون ڪيئي ڀارتين کي عمران خان جي حمايت ڪندي ڏٺو آهي، پر پاڪستاني ڪرڪيٽر جيڪي ساڻس گڏ کيڏيا ۽ موجوده پاڪستاني ڪرڪيٽر جڏهن کيس سندن حمايت جي ضرورت آهي ته خاموش آهن. “
سندس ان پوسٽ کانپوءِ اڄ پاڪستاني رانديگرن طرفان به پوسٽون ڏسڻ ۾ آيون.
ٻئي پاسي پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار خالد انعم هڪ ڊگهي پوسٽ ۾ لکيو ته ” عمران خان کي هن وقت قيدي جي سڀ کان بنيادي حقن، خاص طور تي مناسب طبي خيال جي حق، کان محروم رکيو پيو وڃي.“
هن چيو ته لکيو ته ” هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه سندس اک جي خرابي آهي، مبينا طور ناڪافي طبي امداد سبب عمران خان ساڄي اک جي 85 سيڪڙو نظر وڃائي ويٺو آهي.“
سندس چوڻ هو ته ” سياسي اختلاف فطري آهن، ماڻهو سندس ماضي جي فيصلن، حڪمت عملين يا حڪمراني سان اختلاف ڪري سگهن ٿا. ان باوجود به سياست کان اڳتي هڪ بنيادي اصول آهي، انسانيت.“
هن وڌيڪ لکيو ته ” نظريي کان هٽي ڪري هر فرد سان عزت سان ورتاءُ ٿيڻ گهرجي ۽ قيد دوران بنيادي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.