اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان تصديق ڪئي آهي ته عمران خان جي سندس پٽن سان ڳالهه ٿي آهي ۽ هو هاڻي عمران خان جي فوري علاج شروع ٿيڻ جي منتظر آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته ”چيف جسٽس آف پاڪستان هدايت ڏني هئي ته عمران خان کي پنهنجي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي.“
هن چيو ته ”اسان تصديق ڪريون ٿا ته هن اٽڪل 20 منٽن تائين پنهنجي سان ڳالهائي سگهيو. سندس پٽن ٻڌايو ته هو ايتري عرصي کانپوءِ سندس آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا.“
عليمه خان تفصيلي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان هاڻي سندس فوري طبي علاج جا منتظر آهيون، جيڪو شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ٿئي، جتي ماهر ڊاڪٽر سندس نظر بحال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
عمران خان جي ڀيڻ چيو ته وقت سر علاج مهيا ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير سندس نظر کي نقصان پهچايو آهي، اسان وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪنداسين ۽ فوري علاج ڪنهن به مستقل نظر جي نقصان کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي.
واضح رهي ته اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان طرفان علاج باوجود ساڄي اک جي نظر 15 سيڪڙو تائين رهڻ واري شڪايت کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ 16 فيبروري کان اڳ عمران خان جي اک جو معائنو ڪرايو وڃي.