اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي عطا تارڙ چيو آهي ته جيل ۾ عمران خان سان مبينا بدسلوڪي بابت عمران خان جي خاندان طرفان غلط بيانيو ڦهلايو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته ”عليمه خان ۽ آءِ ڪي خاندان جي ٻين ماڻهن طرفان جيل ۾ بدسلوڪي ۽ خراب حالتن بابت جيڪو بيانيو عالمي ميڊيا ۾ ڦهلايو پئي ويو، اهو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي.“
عطا تارڙ چيو ته ”روزمره جي روٽين ۽ خوراڪ جي منصوبي بابت رپورٽ سڀ شڪ شهبا ختم ڪري ڇڏيا آهن.“
هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي جيل ۾ سموريون سهولتون ملي رهيون آهن ۽ کيس ڪنهن به ٻئي قيدي کان وڌيڪ مراعتون حاصل آهن.
You might also like