اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو سندس پٽن قاسم خان ۽ سليمان خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪرايو ويو آهي.
ذريعن موجب، گذريل ڏينهن عمران خان جي سندس پٽن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي هئي، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ وفاقي وزير پڻ تصديق ڪئي آهي ته عمران خان جو پٽن سان رابطو ڪرايو ويو آهي.
ياد رهي ته عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان لنڊن ۾ رهندڙ آهن.
You might also like