”هن جو بال بيٽرن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، سندس خلاف کيڏڻ ڏکيو آهي.“
”هنن کي ڇا ڀارتي بيٽرن کي به هي سمجهه ۾ نه ايندو.“
”هي ڀارت خلاف پاڪستان جو ٽرمپ ڪارڊ هوندو.“
اڄڪلهه اهي جملا عثمان طارق جي مخصوص بالنگ ايڪشن جي حوالي سان هر پاڪستاني جي وات تي آهن، پر پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٽيم وچ ۾ کيڏيل ميچ کانپوءِ عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي ڀارت ۾ وڏو بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
عثمان طارق اڳ ۾ به بحث جو مرڪز رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان عثمان طارق جي ايڪشن ۽ ”وقفو“ خاص طور ڀارت ۾ بحث هيٺ آهي، جنهن ۾ شوقينن سميت اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ تجزيي نگار پڻ تبصرا ڪري رهيا آهن.
جتي ڀارتي شوقين ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر عثمان طارق جي ايڪشن تي اعتراض واري رهيا آهن، اتي اڳوڻو ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون کليل نموني سندس حمايت ڪئي آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل، يعني پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ عثمان طارق سرحد جي ٻنهي پاسي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
آمريڪا خلاف ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ عثمان طارق چئن اوورن ۾ 27 رنس ڏيندي ٽي وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مبصر پاڪستاني اسپن ڪامبينشن کي ٽورنامينٽ جو سڀ کان مضبوط ترين بالنگ ڊپارٽمينٽ قرار ڏئي رهيا آهن.
ان کانسواءِ ڪجهه واهپيدارن عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي سوال اُٿاريا، جڏهن ته ڪجهه اهو پڇي رهيا آهن ته بال ڪرائڻ کان اڳ ”وقفو“ وٺڻ ڪرڪيٽ قانونن موجب درست آهي يا نه.
ڀارت سان واسطو رکندڙ شريواتس گوسوامي نالي واهپيدار لکيو ”جڏهن فٽبال ۾ به پنالٽي ڪِڪ کان اڳ رانديگرن کي وقفو وٺڻ جي اجازت ناهي ته پوءِ ڪرڪيٽ ۾ اهو ڪيئن درست آهي؟ ايڪشن صحيح هوندو، پر بال ڪرائڻ کان اڳ وقفو؟ ائين نه ٿيڻ گهرجي.“
ان تي اڳوڻي ڀارتي اسپنر چندرن ايشون لکيو ته”فٽبال ۾ اهڙي اجازت ناهي، پر جيڪڏهن بيٽر کي اها اجازت آهي ته هو بالر يا امپائر کي ٻڌائڻ کانسواءِ ٻئي رخ (ريورس سوئيپ) کيڏي سگهي ٿو، ته سڀ حدون بالرن لاءِ ڇو؟“
هن وضاحت ڪندي لکيو ته”بالر ته امپائر کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ٻئي هٿ سان بال به نٿو هلائي سگهي، سڀ کان پهرين اهو قانون تبديل ڪرڻ گهرجي.“
ان بحث ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙابه شامل ٿي ويو جنهن ايشون کي جواب ڏيندي لکيو ته ”وقفو درست آهي، پر ڇا ٻانهن موڙڻ کانسواءِ بال جي رفتار 20 کان 25 ڪلوميٽر تائين وڌائي سگهجي ٿي.“
ان کانپوءِ ايشون هڪ ڊگهي پوسٽ ۾ لکي جنهن هن ڄاڻايو ته ”پهريان ته ايڪشن صحيح آهي يا نه، اهو رڳو آءِ سي سي جي منظور ٿيل بالنگ ايڪشن سينٽر ۾ ٽيسٽ ذريعي ڪري سگهجي ٿو، ٻيو ته 15 ڊگري وارو قانون موجود آهي، جنهن تحت بالر پنهنجي ٺونٺ سڌي ڪري سگهي ٿو.“
هن چيو ته ”آن فيلڊ امپائر لاءِ فيصلو مشڪل آهي ته 15 ڊگري موجب بال ڪرائڻ صحيح آهي يا نه، اهو گري ايريا آهي ۽ ڪنهن تي الزام لڳائڻ غلط آهي. وقفو قانوني آهي، ڇو ته هي سندس ريگيولر بالنگ ايڪشن آهي.“
ڪجهه واهپيدارن چيو آهي ته جڏهن عثمان طارق ڀارت جي ساڄڙيل بيٽرن جي سامهون ايندو ته مقابلو ڏسڻ جوڳو هوندو.
اميت شرما موجب ” بيٽرن کي جذبن تي ڪنٽرول رکي بهترين راند ڏيکارڻي پوندي.“
عثمان طارق ڪير آهي؟
واضح رهي ته عثمان طارق ڪيريبيئن پريميئر ليگ (سي پي ايل) ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي سليڪٽرز جي نظر ۾ آيو، جتي ڏهن ميچن ۾ ويهه وڪيٽون ورتيون ۽ هو ٽورنامينٽ جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر هو.
ان ڪارڪردگي جي بنياد تي نومبر 2025 ۾ کيس ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، پنهنجي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٻه وڪيٽون ورتيون، پر راولپنڊي ۾ زمبابوي خلاف هيٽرڪ سندس شهرت ۾ واڌارو ڪيو.
ان کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريليا خلاف سيريز ۾ ڪيمرون گرين ۽ ميٿيو ڪوهنمين جي وڪيٽون وٺي، عثمان طارق پنهنجي ڪارڪردگي ۾ تسلسل برقرار رکيو.
ان ئي ميچ ۾ ڪيمرون گرين پويلين ويندي عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن جي نقل ڪئي هئي ۽ ظاهري طور تي مٿس ”چڪنگ“ جو الزام لڳايو ويو.
عثمان طارق هاڻي ٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهي، پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سندس دفاع ۾ آيو ۽ کيس پاڪستان جو ”ايڪس فيڪٽر“ قرار ڏنو.
عثمان طارق هڪ سال اڳ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس بالنگ ايڪشن غير معمولي آهي، ڊاڪٽرن سندس ٻانهن جو جائزو ورتو ۽ چيو ته جسم جو فريم عام ماڻهو کان مختلف آهي.
ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ڪرڪيٽ سفر بابت عثمان طارق چيو ”مان دبئي ۾ هڪ ڪمپني ۾ سيلز مين طور ڪم ڪندو هئس، جتي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني تي زندگي تي ٺهيل فلم ڏسي تمام متاثر ٿيس.“
ڌوني کان متاثر، دبئيءَ ۾بصَر ڇلڻ وارو عثمان طارق پاڪستان ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو ڪئين بڻيو؟
You might also like