دادو ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا پيا وڃن:لياقت جتوئي

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) اڳوڻي وڏو وزير لياقت علي جتوئي ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته امن امان  جي صورتحال انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڪو به ماڻهو محفوظ نه آھي دادو ضلعي ۾ هٿ سان ماحول خراب ڪيو ويو آھي، نادر جمالي کي کڻي مارڻ ھي ڪھڙو قانون آهي، اھڙا ڪيترائي عدالت کان مٿانهان قتل ٿيا آھن دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه آهي جئين اسان وٽ ٿئي ٿو ته ماڻهن کي کڻي ھاف ۽ ڦل فرائي ڪيو، امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ 70 سيڪڙو زرداري ليگ جا ماڻھو ملوث آھن انهن کي ڦل فرائي ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪو ايس ايس پي پنهنجي شھيد پوليس اهلڪارن سان سچو نه آهي ته هو ٻين سان ڪئين انصاف ڪندو ميھڙ ۾ ٿيل ٽن شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن ۾ ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون ايس ايس پي دادو بيگناهه ماڻھن کي مارائي سوين ماڻھن جا گھر ڊاھي انھن جي مال گھرن ۾ پيل قيمتي سامان نياڻين جا زيور کڻي وڃي ٿو اھو ماڻھن سان ظلم بند ٿيڻ گهرجي، ڪجھه وقت اڳ پنجاب کان آيل واپاري کي قتل ڪيو ويو هو ان وقت جي ايس ايس کي سزا ڏيڻ گهرجي، زرداري ليگ کي 19 سال ٿي ويا آهن جنھن جي پوزيشن زيرو ۽ عوام دشمن پاليسي آهي 19 سال هن کي ڪهڙي طريقي سان حڪومت ڏني وئي آهي پهريان ڀٽو ۽ ٻين کي به ايترو وقت حڪومت نه ملي ھئي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري کٽيل نتيجا مٽايا ويا پوليس جو ڪم اهيو آهي ته هو مخالفن تي ڪيس داخل ڪري انهن کي پريشان ڪن ۽ انھن کي زرداري ليگ ۾ آڻڻ جي ڪمداري ڪن ھن چيو ته دادو ضلع ۾ بدنام زمانه رشوت ڏيندڙ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو اهي ڪھڙا ماڻهو آهن جيڪي صورتحال خراب ڪن ٿا انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.