بنگلاديش چونڊن ۾ بي اين پي 18 سالن کان پوءِ ڪامياب، جماعت اسلامي کي خدشا

ڍاڪا (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف بنگلاديش طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب عام چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ  پارٽي (بي اين پي) 209 جڏهن ته جماعتِ اسلامي 68 سيٽون حاصل ڪيون آهن. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر احمد جمعي ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته ڪُل 297 سيٽن مان 209 تي بي اين پي جڏهن ته 68 تي جماعت اسلامي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. اليڪشن ڪميشن موجب، نيشنل سٽيزن پارٽي اين سي پي ڇهن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته خلافت مجلس پارٽي ٻه سيٽون کٽيون. ان کانسواءِ پنج جماعتن اسلامي آندولن، گنا اُوڌيڪار پريشد، بنگلاديش جاتيه پارٽي، گنا سنگٿي آندولن هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي, جڏهن ته ست سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري موجب چٽاگانگ جي ٻن تڪن جا تيستائين جاري نه ڪيا ويندا جيستائين لون ڪيس بابت اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ حل نه ٿي وڃي. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ 48 لک 74 هزار 429 ماڻهن ها ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ 2 ڪروڙ 25 لک 65 هزار 627 ماڻهن ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو. بنگلاديش جون چونڊون؛ نتيجن تي جماعت اسلامي جو واضح موقف سامهون آيو آهي. جماعت اسلامي 13 هين قومي پارلياماني چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي فيس بڪ پيج تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، پارٽي چيو ته اها ووٽرن جي مثبت ۽ پرامن شرڪت جي تعريف ڪري ٿي، پر چونڊ نتيجن جي عمل تي سوال پيدا ٿين ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 11 پارٽي اتحاد جا ڪيترائي اميدوار ننڍي ۽ شڪي مارجن سان هارائي ويا، غير سرڪاري نتيجن ۾ بار بار تضاد ۽ غلط بياني، اليڪشن ڪميشن پاران ووٽرن جي ٽرن آئوٽ فيصد جاري ڪرڻ ۾ ناڪامي، ۽ انتظاميه جي ڪجهه حصن پاران وڏي پارٽي جي حمايت جا نشان، سڀ ظاهر ڪن ٿا ته چونڊ عمل جي شفافيت تي سوال پيدا ٿين ٿا.

بنگلاديش ۾ نئين حڪومت جو قيام پاڪستان لاءِ اهم

اسلام آباد (عاصما شيرازي) بنگلاديش ۾ اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت هوندي ۽ ان کي پاڪستان لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي. ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب رهيا آهن، حسينا واجد جي دور ۾ ان کي ڀارت  نواز سمجهيو ويندو هو ۽ لاڳاپا خراب ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا. پر تازو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سڌارو آيو آهي، ڪراچي کان ڍاڪا سڌيون اڏامون بحال ٿيون آهن، دفاعي شعبن ۾ به رابطا ٿيا آهن. موجوده دور ۾ پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا رکيا پيا وڃن. پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري پهريون سربراهه هو جنهن طارق رحمان کي مبارڪون ڏنيون. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پڻ مبارڪن وارا پيغام جاري ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.