انڊونيشيا دفاعي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پاڪ ائير فورس سان سهڪار ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا پنهنجي دفاعي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پاڪستان فضائيه سان تعاون ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي.
پاڪستان فوج جي ترجمان اداري (آئي ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ائير چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو انڊونيشيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن انڊونيشيا جي صدر پربوو سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ڊگهي ڀائراڻي پارٽرنشپ تي زور ڏنو ويو ۽ صدر پربوو پاڪستان فضائيه جي جديد تربيت واري نظام ۽ دفاعي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ان سان سهڪار ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
آئي ايس پي آر موجب، ائير چيف مارشل سڌو انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير ۽ فوجي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون ۽ کيس سمورين جاين تي باظابطا گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.