اسلام آباد(عامر راڻا)نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ اسان قوم پرستن لاءِ مشڪلاتون تمام گهڻيون ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته جتي صرف بندوق جي ڳالهه ٿئي ٿي، اتي سياست ۽ نعريبازي تمام ڏکي ٿي وڃي ٿي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته عوام ۾ اسان جي جڳهه گهٽ نه ٿي آهي، پر اها جڳهه رياست جي غلط پاليسين سبب گهٽتائي رهي آهي،هن چيو ته اسان جي ووٽ جو بنياد بلوچستان ۾ ڪافي مضبوط آهي، اٽڪل ست يا اٺ ايم پي ايز اچي رهيا هئا،ٻه ايم اين اچي رهيا هئا، پر اسان لاءِ جڳهه گهٽجي رهي آهي، رياست کي سياسي ماڻهن کي جڳهه ڏيڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته اها نيون پارٽي ٺاهي يا نوان اتحاد قائم ڪري،هن چيو ته هٿياربندن ته هڪ اسٽينڊ وٺي ڇڏيو آهي پر رياست کي گهرجي ته سياسي ماڻهن کي اسپيس ڏئي،رياست پاران سياسي پارٽين تي اعتماد نه ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ٻه سبب آهن. هڪ، لياقت علي خان کان پوءِ رياست ڪنهن سياسي پارٽي تي اعتبار نه ڪيو. ٻيو، بدقسمتي سان سياسي پارٽيون پاڻ ئي ڪمپرومائز ٿي ويون، وفاقي پارلياماني ويلفيئر اسٽيٽ جي اصولن تي متفق ٿيڻ بدران پنهنجا رستا اختيار ڪري وٺن ٿيون،اسان جهڙيون ننڍيون پارٽيون نه هيڏانهن جون نه هوڏانهن جون رهن ٿيون،هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان پنهنجي عوام جي وچ ۾ آهيون،اسان جي پاليسي اها آهي ته آئسوليشن ۾ سياست نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي ملڪ جو حصو سمجھون ٿا، ۽ پنهنجي راءِ کي به برقرار رکڻ چاهيون ٿا. جڏهن اقتدار ۾ آهيون ته اها ڳالهه قبول نه ڪئي وڃي، جڏهن اپوزيشن ۾ آهيون ته پسند ڪيو وڃي ٿو،هن چيو ته ماضي ۾ به اسان سان واعداخلافي ڪئي وئي،ايم آر ڊي ۾ مير غوث بخش بزنجو چيو هو ته صوبائي خودمختياري جي ڳاله تسليم ڪرڻ تائين توهان سان گڏ نه ٿينداسين،اها ڳالهه مڃي وري مڪرجي ويا،اسان جي 26 نڪتن واري چارٽر تي به عمل نه ٿيو،اها اسان جي بدقسمتي آهي،هن چيو ته اسان پاڻ کي ملڪي قومي ڌارا کان پاڻ کي ڪٽڻ نٿا چاهيون ۽ پنهنجي نڪته نظر کي به رکڻ چاهيون ٿا، اسان کي يقين آهي ته جمهوريت جي ذريعي ئي اسان کي ڪجهه ملندو، بيشڪ ڊگهو سفر آهي، اسان پاڻ کي انهن ماڻهن جي باقيات سمجهون ٿا جن 1920 ۾ بلوچ ليگ قائم ڪيئ، پوءِ نيشنل عوامي پارٽي ۽ پوءِ هي جو سلسلو جاري رهيو. اسان جا اڳواڻ، خاص طور تي مير غوث بخش بزنجو، مير مولوي دشتي، ڊاڪٽر ياسين، ڊاڪٽر عبدالحئي، سڀئي اهو سمجهندا هئا ته بلوچستان هڪ جمهوري ملڪ هجڻ گهرجي، سڀني قومي تشخص کي تحفظ ڏنو وڃي، عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي.پر جيڪڏهن انتهاپسندي کي قبول ڪيو وڃي، جيڪا ملڪ ۾ موجود آهي، ۽ سڀني اهم حصن کي قيد ڪيو وڃي، ته ملڪ فیل ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته اسان جو موقف آهي ته سياست ۽ حڪمراني ۾ شفافيت ۽ عوام جي شموليت لازمي آهي،وسيلن تي صوبن جي عوام جو حق آهي، بلوچ علائقن ۾ صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ قومي ۽ سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته دنيا ۾ هر انسان قومپرست آهي،اسان پنهنجي ٻولي،ثقافت سان پيار ڪريون ٿا ان جو اهو مطلب ته ٻين زبانن وارن سان نفرت ڪريون ٿا،مون کي خوشي ٿي ته پنجاب حڪومت هن وقت پنجابي پنجابي ڪري رهي آهي،اسان ته 2013ع ۾ ست زبانن جو بل ٺاهيو هو،اسان ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهڻ جي ڳالهه نه ڪئي،2013 ۽ 2018ع ۾ اسان کي آڇون آيون پر اسان سوديبازي نه ڪئي،اسان جي تربيت عوام بيسڊ آهي،هن چيو ته هٿياربند بلوچن جو مسئلو هڪ نواب اڪبر بگٽي سان ڳالهين دوران حل ٿي پئي سگهيو ٻيو منهنجي دور ۾ ،ان وقت براهمداغ بگٽي وڏو پاور فل هو،هن چيو ته ان وقت اسٽيبلشمينٽ ان معاملي تي ٻن حصن ۾ ورهايل هئي،هن چيو ته اختر مينگل کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي ها،هن چيو ته 26هين ترميم ۾ وڏي گڙٻڙ ڪئي وئي،پارليامينٽ ۽ سوسائٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو،27هين ترميم تي به اسان مزاحمت ڪئي،