پاڪستان جو ٻيو مقامي سيٽلائيٽ ”اي او 2“ ڪاميابي سان لانچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو ٻيو مقامي سيٽلائيٽ ”اي او 2“ خلا ۾ ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو.
سپارڪو چين جي يانگ جيانگ سي شور سينٽر تان ”اي او 2“ لانچ ڪري اهم ڪاميابي ماڻي.
سيٽلائيٽ زمين جي مشاهدي ۽ اميجنگ جي صلاحيت وڌائيندو، سپارڪو جو ”اي او 2“ لانچ ملڪي خلائي مهارت جي علامت آهي.
سپارڪو جو ”اي او 2“ منصوبابندي ۽ وسيلن جي انتظام لاءِ اهم ڊيٽا فراهم ڪندو، پاڪستان جي سيٽلائيٽس جي ٻيڙي ۾ واڌ، مشاهدن جو تسلسل ۽ درستگي بهتر ٿيندي.
سيٽلائيٽ حڪمراني، آفتن جي انتظام ۽ اسٽريٽجڪ منصوبابندي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.