”عمران خان جي صحت تي خدشا“ پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه جي صوبائي صدر جنيد اڪبر پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام کي سڀاڻي جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي صوبي ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو.
جنيد اڪبر موجب جمعي جي نماز کانپوءِ خيبر پختونخواهه جي سڀني پريس ڪلبن سامهون عمران خان جي صحت بابت ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪارڪن ۽ عوام وڏي انگ ۾ نڪري پنهنجي ليڊر سان يڪجهتي جو اظهار ڪن، قوم پنهنجي ليڊر لاءِ ٻاهر نڪري، عمران خان جي اسان جي خاطر جيل ڪاٽي رهيو آهي، هاڻ اسان جو وارو آهي ته ان لاءِ آواز اٿاريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.