ناليواري نعت خوان تابنده لاري لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري نعت خوان تابنده لاري لاڏاڻو ڪري وئي.
اسپتال اختيارين تابنده لاري جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
اسپتال اختيارين ٻڌايو ته تابنده لاري ڪجهه ڏينهن کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي ۽ هوءَ دل جي مرضن بابت قومي اداري ۾ علاج هيٺ هئي.
خانداني ذريعن موجب مرحومه جي جنازي نماز سومهڻي کانپوءِ فاروق اعظم مسجد نارٿ ناظم آباد ۾ ادا ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.