ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: انگلينڊ لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيندڙ نيپال کي اٽلي هٿان عبرتناڪ شڪست

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي 17 هين ميچ ۾ انگلينڊ لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيندڙ نيپال کي اٽلي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي.
ممبئي ۾ کيڏيل گروپ سي جي مقابلي ۾ اٽلي ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، نيپال پهريان بيٽنگ ڪندي 13 هين اوور ۾ 123 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي
نيپال طرفان عارف شيخ 27 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان روهت پوڊيل 23 ۽ آصف شيخ 20 رنسون ٺاهيون.
اٽلي جي ڪرشن ڪلوماگي 3، بين منينٽي 2 جڏهن ته علي حسن، جي جي اسمٽس ۽ جسپريت سنگهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
اٽليءَ جي اوپنرن زبردست راند جو مظاهرو ڪندي بنا ڪنهن نقصان جي 124 رنسن جو هدف حاصل ڪري ورتو.
اٽلي طرفان اينٿني موسڪا 62 ۽ جسٽن موسڪا 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته ڪرشن ڪلوماگي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.