پاڪستان جي ڪيترن ئي ضلعن جا ماحولياتي نمونا پوليو وائرس کان پاڪ نڪتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪيترن ئي ضلعن جا ماحولياتي نمونا پوليو وائرس کان پاڪ نڪتا.
اختيارين موجب ملڪ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پوليو وائرس جي رپورٽ ناڪاري آئي آهي، جنوري 2026 ۾ 87 مان 67 ضلعن جا ماحولياتي نمونا پوليو وائرس کان پاڪ نڪتا.
سڄي ملڪ ۾ 127 جاين تان ورتل نمونن ۾ رڳو 24 ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي ۽ آڪٽوبر 2023 کانپوءِ پهريون ڀيرو پوليو جي ماحولياتي نمونن ۾ گهٽ ترين هاڪاري شرح رڪارڊ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.