پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا عمان کي 105 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاليڪيلي اسٽڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنسون ٺاهيو ۽ کٽڻ لاءِ 226 رنسن جو هدف ڏنو .
سريلنڪا جي ڪوشل مينڊس 61، پوَن رٿنائڪي 60 ۽ ڪپتان داشن شاناڪا 20 بالن تي پنج ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
عمان جي ٽيم سريلنڪا جي 226 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 20 اوورن ۾ 120 رنسون ٺاهي سگهي، سريلنڪا جي پوَن رٿنائڪي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ٻئي ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٻي ميچ کيڏي رهيون هيون جنهن ۾سريلنڪا کي لڳاتار ٻي فتح ۽ عمان ٻي شڪست ملي.
سريلنڪا پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 20 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته زمبابوي عمان کي 8 وڪيٽن سان هارايو هو.