لنڊن (ويب ڊيسڪ) نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي پاڪستاني شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ ملالا چيو ته ”جڏهن هن آڪسفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن مڪمل ڪئي ته ان لاءِ تمام اهم هو ته هو اهڙن ڇوڪرين لاءِ ڪجهه ڪري جيڪي تعليم جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.“
هن خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ”هي اسڪالرشپ پاڪستاني شاگردياڻين کي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، خاص طور تي اهڙن شاگردياڻين لاءِ جيڪي پنهنجي تعليم ذريعي پاڪستان ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جو عزم رکن ٿيون.“
ملالا موجب، جيڪڏهن ڪائي پاڪستاني عورت آڪسفورڊ ۾ ماسٽرز ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿي ۽ ڏيهه واپس اچي معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته هي موقعو ان لاءِ آهي
درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ اميدوار آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام جي ويب سائيٽ oxpakprogramme.org تي اپلاءِ ڪري سگهن ٿا.
ملالا يوسفزئي چيو ته هوءَ نون شاگردياڻين کي آڪسفورڊ ۾ ڀليڪار چوڻ لاءِ آسائتي آهي.