نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نميبيا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان گيرھارڊ ايراسمُس ڀارت خلاف دهلي ۾ شيڊيول ميچ کان اڳ رات جي وقت ٽريننگ جو موقعو نه ملڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ نميبيا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڀارت سان ميچ رات جي وقت شيڊيول آهي، جنهن سبب سندن رانديگرن کي رات جو فلڊ لائيٽس ۾ ٽريننگ ڪرڻي هئي پر کين ٽريننگ جو موقعو فراهم نه ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته نميبيا جي ميدانن ۾ گهڻيون فلڊ لائيٽس ناهن، انفرااسٽرڪچر جي لحاظ کان اهو هنن لاءِ ڏکيو هوندو.
هن چيو ته نيپال پريميئر ليگ، آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۽ ورلڊ ڪپ جهڙن ايونٽس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪجهه رانديگرن کانسواءِ اڪثر رانديگرن کي فلڊ لائيٽس ۾ باظابطا ٽريننگ جو تجربو ناهي.
نميبيا جي ڪپتان چيو ته ڀارت کي ٻه نائيٽ ٽريننگ سيشن مليا آهن ۽ ڪئناڊا به اڄ رات ٽريننگ ڪندو، پر اسان کي ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پريڪٽس جو موقعو نه ڏنو ويو.
ڪپتان سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته کين خبر ناهي ته ائين ڇو ڪيو پيو وڃي، پر هن واضح ڪيو ته هو پنهنجي انداز ۾ مڪمل تياري سان ميدان ۾ لهندا ۽ ڀرپور مقابلو ڪندا.