ميانوالي وارا ڪنهن ٺڳ کي ووٽ نه ڏين، مان پنجاب جي قسمت بدلائي ڇڏينديس: مريم نواز

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ميانوالي 4 سال پنجاب ۽ پاڪستان تي حڪومت ڪئي پر هتي ترقي نه ٿي سگهي.
ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اُهي ڏينهن گذري ويا جڏهن ماڻهو ميانوالي مان ووٽ وٺي هليا ويندا هئا، جيڪي چوندا هئا ته (ن) ليگ جي دور ۾ رڳو لاهور ۾ ترقي ٿي، اهي ميانوالي کي ڏسي وٺن.
هن چيو ته گرين بس ۽ ميڊيڪل اسپتال سميت جيڪي سهولتون لاهور ۾ آهن اهڙيون ئي سهولتون ميانوالي کي به ڏنيون آهن، دعوائن تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکان ٿي، الله تعاليٰ ٽي سال وڌيڪ ڏنا ته پنجاب جي قسمت بدلجي ويندي، ميانوالي هاڻي محروم نه رهندو.
مريم نواز عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ ٺٺول ڪندي چيو ته ”ميانوالي 4 سال پنجاب ۽ پاڪستان تي حڪومت ڪئي پر هتي ترقي نه اچي سگهي، تنهنڪري ميانوالي وارا هن ڀيري ڪنهن ٺڳ کي ووٽ نه ڏين“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.