اڄ اوهان جو وارو آهي، سڀاڻي اسان جو وارو هوندو:سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اقتدار هميشه لاءِ ناهي هوندو، اڄ اوهان جو وارو آهي، سڀاڻي اسان جو هوندو ۽ هر ظلم جو حساب ورتو ويندو، جمرود ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اپلائيڊ سائنسز شعبي جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪنديسهيل آفريدي چيو ته جمرود کي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ترقي کان پٺتي رکيو ويو پر هاڻي خيبر جمرود کي تعليم جي ميدان ۾ ترقي يافته قومن جيان اڳتي وڌايو ويندو، هن چيو ته عمران خان جي ويزن موجب انسانن تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، گذريل 78 سالن ۾ اسان کي ب سان بندوق پڙهايو ويو، هاڻي پنهنجن نوجوانن کي ق کان قلم سيکارينداسين، اسان غيرت مند ۽ بهادر آهيون، پر بيوقوف ناهيون، خيبرپختونخوا جا عوام هر ان پاليسي خلاف بغاوت ڪندا جنهن ۾ انهن جو نقصان هوندو، قومي ميڊيا خيبرپختونخوا جي عوام کي پنهنجو نٿو سمجهي، 5 هزار ارب رپيا هڙپ ڪندڙن جو ميڊيا ٽرائل نٿو ٿئي، جڏهن وادي تيراهه جي متاثرن لاءِ 4 ارب رپيا جاري ڪيا ته چار ڏينهن تائين منهنجي خلاف ميڊيا تي پروگرام هلايا ويا، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي عوام تي ٿيندڙ ظلم ميڊيا نٿو ڏيکاري، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ سڀ آئيني قدم کنيا ويا، پر ملاقات جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي، جيڪڏهن آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود ملاقات جي اجازت نه ملي ته احتجاج ڪيو ويندو، فيصلا اسلام آباد يا پنڊي مان نه، پر خيبرپختونخوا جي عوام جي مفاد ۾ ڪيا ويندا، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ناحق قيد ڪيو ويو آهي، بنيادي حق لتاڙيا پيا وڃن، عمران خان جي صحت جي باوجود ذاتي ڊاڪٽرن کي پهچ نه ڏني وئي، جڏهن سڀ آئيني ۽ قانوني رستا بند ٿي وڃن ته پرامن احتجاج ئي واحد آپشن رهجي وڃي ٿو، جيڪو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.