محمود اچڪزئي جو بيان من گهڙت آهي، فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي:سيڪيورٽي ذريعا

لاهور(عوامي آواز نيوز) سيڪيورٽي ذريعن موجب، اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جو پاڪ فوج تي تازو بيان انتهائي افسوسناڪ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. فوج جو سياست سان ڪو به واسطو ناهي،سڪيورٽي ذريعا چيو  ته دهشتگردي خلاف جنگ صرف سڪيورٽي فورسز، فوج، پوليس يا فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي)جي نه پر سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ضروري آهي،هنن چيو ته اسلام آباد حملو افغانستان ۾ تربيت يافته دهشتگرد طرفان ڪيو ويو. سياسي يا مذهبي سوچ کان سواءِ، اسان کي دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻو پوندو.سڪيورٽي ذريعن چيو ته  ته ٽي سال اڳ 15 کان 20 ملين ليٽر ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جي اسمگلنگ ٿيندي هئي، جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. اسمگلنگ جا پئسا دهشتگردي واري سرگرمين ۾ استعمال ٿيندا هئا. صرف سٺي حڪمراني ئي دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪري سگهي ٿي.هنن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي تي قابو پائڻ لاءِ به نيشنل ايڪشن پلان ئي ڪنجي آهي، ۽ اتي تازيون ٿيندڙ ميٽنگز مثبت قدم آهن.سڪيورٽي چيو ته  ته فوج جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي. سڀني سياسي جماعتن کي ڳالهين جو حق حاصل آهي، ۽ قانون، عدالت ۽ ان سان جڙيل معاملن جو فيصلو صرف آئين ۽ قانون موجب عدالتن ڪري سگهن ٿيون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر سڪيورٽي آفيسر چيو ته قوميت، لسانيت يا صوبي جي بنياد تي ڪڏهن به ورهائجي نه سگهجي، پر متحد ٿي سڀ فتنه ختم ڪرڻا آهن.انهن موجب، "فتنه الھند” بلوچ عوام ۽ بلوچستان جي ترقي جو دشمن آهي. احساس محرومي جي نعري جي پويان دهشتگردي ڪندڙ دهشتگرد عوام طرفان سڃاتا ويا آهن.سينيئر سڪيورٽي آفيسر چيو ته پاڪستان ۾ هر اسپانسرڊ دهشتگردي جي پويان ڀارت جو هٿ آهي، ۽ اندرين ٻاهرين سازشي عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ لازمي آهن.انهن وڌيڪ چيو ته ڪو به بيانيو فوج ۽ عوام جي رشتن کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي. اسان جو بيانيو صرف پاڪستان آهي، ۽ تعليمي ادارن جو دورو نوجوانن جي فوج سان حمايت کي واضح ڪري ٿو.سينيئر سڪيورٽي آفيسر جو چوڻ آهي ته جيئن اسان حق جي معرڪي ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، تيئن دهشتگردن کي به شڪست ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.