ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم بنگوار کي اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
آرام باغ ۾ حد دخلين ۽ غير قانوني پارڪنگز خلاف آپريشن جي تياري جاري آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ حاظم بنگوار کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آرام باغ ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي مڪمل ڪليئر ڪيو ويندو، ڪنهن مافيا کي رهڻ نه ڏينداسين، هر ڪنهن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.
هن چيو ته مان آفيسرن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.
واضح رهي ته آڪٽوبر 2025 ۾ حاظم بنگوار کي بهترين اسسٽنٽ ڪمشنر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.
You might also like