نواز الدين صديقي پاران تِهاڙ جيل ۾ قيد راجپال يادَو جي ڳجهي مالي مدد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪار نوازالدين صديقي جيل ۾ قيد مالي بحران جو شڪار اداڪار راجپال يادَو جي هڪ ڀيرو ٻيهر مالي مدد ڪئي آهي.
واضح رهي ته راجپال يادو هن وقت چيڪ بائونس ڪيس ۾ جيل ۾ آهي ۽ مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته سندس ويجهي دوست اداڪار نوازالدين صديقي ڏکئي وقت ۾ ساڻس گڏ نه بيٺو، جڏهن ته نوازالدين صديقي جي ويجهن ذريعن اهڙين دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
نوازالدين صديقي جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته هميشه جيان هن ڀيري به هو خاموشي سان ڏکئي وقت ۾ سندس مدد لاءِ اڳتي آيو آهي.
واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو نوازالدين سندس مدد ڪئي هجي، ان کان اڳ به هو کيس 10 لک رپين جي مالي سهائتا فراهم ڪري چڪو آهي.
نوازالدين اهڙن قدمن جي مشهوري ڪرڻ پسند نٿو ڪري ۽ عوامي هنڌن تي ان جو ذڪر به ناهي ڪندو، هن ڀيري به هن خاموشي سان راجپال جي مدد ڪئي آهي.
ياد رهي ته راجپال يادو ڪيترن ئي موقعن تي نوازالدين صديقي سان پنهنجي محبت ۽ دوستي جو ذڪر ڪري چڪو آهي، جنهن سبب سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ته هن ڏکئي وقت ۾ راجپال جو ساٿ نه ڏنو.
هڪ پراڻي انٽرويو ۾ نوازالدين صديقي ٻڌايو هو ته جڏهن راجپال جو سٺو وقت هو ته هو جدوجهد ڪندڙ ڪيترن ماڻهن جي مدد ڪندو هو ۽ کين کارائيندو پيارائيندو هو، هن اسان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي ۽ ان حوالي سان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو.
سندس گهر هڪ لنگر خانو هوندو هو، جيتوڻيڪ هو ڀوڳ مزاق ڪندي نظر ايندو آهي پر هو تمام حساس شخص آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.