اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون، ڀارت خلاف نارمل ميچ هوندي: صاحبزاده فرحان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر صاحبزاده فرحان چيو آهي ته ٻه ميچون کٽڻ کانپوءِ اسان پراعتماد انداز ۾ اڳتي وڌنداسين، اسان آچر تي ڀارت خلاف به هڪ نارمل ميچ هوندي ۽ اسان ساڳي نموني کيڏنداسين.
آمريڪا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صاحبزاده فرحان چيو ته پِچ سٺي هئي، جتي 190 رنسون ٺاهڻ وڏي ڳالهه هئي.
پاڪستاني اوپنر چيو ته جڏهن بيٽر رنسون ڪندو آهي ته کيس اعتماد ملندو آهي، پنج ڇهه مهينن کان لڳاتار سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون، لڳاتار ٻه ميچون کٽڻ بعد پراعتماد انداز ۾ ڀارت خلاف ميدان تي لهنداسين.
هن چيو ته ايشيا ڪپ فائنل به پاڪستان ٽيم ڀارت خلاف ڀرپور مزاحمت ڪري ميچ هارائي هئي، آچر تي هڪ نارمل ميچ هوندي ۽ اسان ساڳي نموني کيڏنداسين.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجون شروعاتي ٻئي ميچون کٽي چڪي آهي، گرين شرٽس جو ايندڙ مقابلو روايتي مخالف ڀارت سان آچر تي شيڊيول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.