لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي 11هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي نيلاميءَ جو سلسلو جاري آهي.
پليئرز آڪشن ۾ پي ايس ايل جون اٺ ٽيمون پنهنجو 16 کان 20 رڪني اسڪواڊ ترتيب ڏينديون، پي ايس ايل پليئر آڪشن ۾ 800 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرڪيٽر رجسٽرڊ آهن.
آڪشن دوران اسلام آباد يونائيٽيڊ فهيم اشرف لاءِ 8 ڪروڙ 50 لک جي سڀ کان وڏي ٻولي لڳائي کيس پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو، جڏهن ته ان مرحلي ۾ عماد وسيم کي ڪنهن به ٽيم نه خريد ڪيو. ڊيوڊ وارنر کي 7 ڪروڙ 90 لک ۾ ڪراچي ڪنگز پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز رائلي روسو کي 5 ڪروڙ 55 لک ۾ خريد ڪيو، جڏهن ته حسين طلعت، شاهنواز ڏاهاڻي، سعود شڪيل ۽ احسان الله کي ڪنهن به ٽيم پِڪ نه ڪيو.
حارث رؤف کي لاهور قلندرز 7 ڪروڙ 60 لک ۾ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو. راولپنڊي 8 ڪروڙ 65 لک ۾ نسيم شاهه کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو.
Prev Post
You might also like