نيپرا 300 يونٽ ماهوار تائين گهريلو واهپيدارن تي به فڪسڊ چارجز لڳائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اتھارٽي (نيپرا) 300 يونٽ ماهوار تائين جي گھريلو واهپيدارن تي به فڪسڊ چارجز لاڳو ڪري ڇڏيا.
نيپرا فڪسڊ چارجز جي حوالي سان پاور ڊويزن جي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
فڪسڊ چارجز پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي لڳايا ويا آهن، ان کان اڳ رڳو 300 يونٽ کان وڌيڪ استعمال وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لاڳو هئا.
نيپرا جي فيصلي موجب ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 200 رپيا فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن.
ماهوار 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ گھريلو واهپيدارن تي 300 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن.
100 يونٽ تائين وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 275 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن، ماهوار 200 يونٽ تائين وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 300 رپيا فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن، ماهوار 300 يونٽ تائين استعمال وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 350 رپيا فڪسڊ چارجز لڳايا ويا آهن.
نيپرا جي فيصلي موجب ماهوار 301 کان 400 يونٽ تائين وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز 200 رپيا واڌ سان 400 رپيا ڪيا ويا آهن.
ماهوار 401 کان 500 يونٽ استعمال وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 100 رپيا واڌ سان فڪسڊ چارجز 500 رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.
ماهوار 600 يونٽ استعمال تي فڪسڊ چارجز 75 رپيا واڌ سان 675 رپيا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.