آئيني حدن ۾ رهندڙ فوج کي سلام پر ڇا هي پارليامينٽ مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آهي؟ محمود اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو آهي ته مون ڪڏهن به جذباتي ڳالهيون نه ڪيون آهن، مون جيڪي لفظ چيا انهن تي قائم آهيان.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته مان 1990 کان اسيمبلي ۾ اچي رهيو آهيان.
هن چيو ته مون جيڪي لفظ چيا آهن انهن تي قائم آهيان، مون ڪڏهن به جذباتي ڳالهيون ناهن ڪيون، فوج ۾ ڪهڙي صوبي جو ڪيترو حصو آهي؟
اسپيڪر اياز صادق رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان فوج جي ڳالهه نه ڪريو، شهيدن جي ڳالهه ڪريو.
محمود اچڪزئي چيو ته اسان انگريزن خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هتان جا ماڻهو انگريزن سان گڏ هئا، اسان سان وڙهي رهيا هئا، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، اسان کي آبادي جي حساب سان پنهنجو حصو گهرجي.
مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته اسان کي حڪمراني واري حق ۾ پنهنجو حصو گهرجي، اسان اهو تعصب جي بنياد تي نه ڪري رهيا آهيون، مان هن ملڪ جو رهواسي آهيان، جمهوريت جي مخالفن خلاف ڳالهائيندس، توهان اسان کي جمهوريت جي حمايت ۾ سزائون ڏنيون، توهان پشتونن جي معاشي خودڪشي ڪرائي.
هن چيو ته نواز شريف چيو هو ته افغانين کي شهريت ڏيڻ ۾ ڪا به برائي ناهي، ڇا هي پارليامينٽ مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آهي؟ آئين جي دائري ۾ رهندڙ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.