ڀارت-آمريڪا واپاري معاهدي خلاف ڀارتي آبادگارن جو ملڪ گير احتجاج جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت-آمريڪا واپاري معاهدي خلاف ڀارتي آبادگارن ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ”ڀارتي ڪسان يونين“ سڀاڻي 12 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته زرعي شعبي ۾ ڀارت طرفان آمريڪا کي حد کان وڌيڪ رعايتون ڏنيون ويون آهن، جيڪي آبادگارن جي مفادن جي خلاف آهن.
اڄ ڀارتي پنجاب ۾ آبادگارن ڀارت ۽ آمريڪا جي تجارتي معاهدي خلاف احتجاج پڻ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جا پتلا ساڙيا ويا.
آبادگار تنظيمن معاهدي کي مودي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي معاهدو آمريڪا جي آڏو جهڪڻ برابر آهي، جنهن سان ڀارتي زرعي شعبي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.