اسان جي فوجين جا ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيا وڃن ٿا، پنجابين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي بلوچستان ۾ گوليون هنيون وڃن ٿيون: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي جي فوج بابت ڏنل بيان کي غير ذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ڪالهه اپوزيشن ليڊر چيو ته پاڪستاني فوج چئن ضلعن جي فوج آهي، اهڙي غير ذميواراڻي بيان جي اپوزيشن ليڊر مان اميد نه هئي، اپوزيشن ليڊر پاڪ فوج تي الزام لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هر باشعور انسان ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي فوج سڄي ملڪ جي فوج آهي.
خواجا آصف چيو ته گذريل 5 سالن ۾ 3141 فوجين شهادتون ماڻيون ، 2021 کان فيبروري 2026 تائين 170 آفيسر شهيد ٿيا، جي سي اوز 212، جڏهن ته 2759 جوان شهيد ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان سڀ کان وڌيڪ 2034 شهادتون ٿيون، بلوچستان ۾ 103 ، گلگت بلتستان ۾ 161، خيبرپختونخوا ۾ ڪُل 534، پنجاب ۾ 1657 ۽ سنڌ ۾ 452 فوجي شهيد ٿيا.
بچاءَ واري وزير چيو ته انهن انگن اکرن کان پوءِ ڪو ٻڌائي ته ڇا پاڪ فوج چئن ضلعن جي فوج آهي؟ پنجابين جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي بلوچستان ۾ گولي هنئي وڃي ٿي، پنجابين کي گولي هڻڻ تي بلوچستان مان ڪو به آواز نه ٿو اُٿي، ڇا هي چئن ضلعن جي فوج آهي يا پاڪستان جي فوج آهي؟ ليڊر آف اپوزيشن جو عهدو قومي عهدو آهي، ڪنهن ضلعي جو عهدو ناهي، ان عهدي تي ويهي غير ذميواراڻا بيان ڏيڻ عهدي جي توهين آهي، هي وطن ۽ قوم جي جنگ آهي، ڪنهن ضلعي جي جنگ ناهي.
هن چيو ته محمود اچڪزئي پنهنجي نظرين جي پاسداري ڪري پر حملو نه ڪري، پاڪ فوج ڪنهن صوبي يا ضلعي جي فوج ناهي، دهشتگردي جي هن جنگ ۾ اسان روزانو نقصان کڻي رهيا آهيون، بلوچستان ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا، اسلام ۾ رتو ڇاڻ جي ڪائي اجازت ناهي، اسان جي فوجين جا ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيا وڃن ٿا، پاڪ فوج پنهنجي رت سان پنهنجي حلف جي توثيق ڪري رهي آهي، اسان سياستدان گري ايريا ۾ رهندا آهيون، پارٽيون تبديل ڪندا آهيون پر شهيدن پارٽيون تبديل ناهن ڪيون، شهدا اسان جي ريڊ لائن آهن، شهيد اول ۽ آخر پاڪستاني هوندو آهي، ان جو تعلق ڪنهن ضلعي سان ناهي هوندو.
ان کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ فوج سان ايڪي ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پيش ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.