اڳوڻو آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا پنهنجي گهر ۾ ڪِري پيو.
ذريعن موجب، جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا کي ڪِرڻ سبب جسم جي مختلف حصن تي ڌڪ لڳا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي چيف کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.
خانداني ذريعن موجب، اڳوڻي آرمي چيف اڱاري جي صبح ساڍي چئن وڳي پنهنجي گهر جي واش روم ۾ ڪِري پيو هو.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل رٽائرڊ باجوا جي مٿي تي زخم آيا آهن ۽ هو آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي.