مون کي لڳي ٿو ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ گهمسان جي جنگ ٿي هئي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ-ڀارت جنگ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهيءَ جنگ دوران 10 جهاز ڪِيرايا ويا.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران جو جوهري ۽ بيليسٽڪ ميزائيل پروگرام تي آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ جو ارادو آهي، جيڪڏهن ايران معاهدو نه ڪندو ته اِها بيوقوفي هوندي.
پاڪ-ڀارت جنگ جو حوالو ڏيندي ٽرمپ چيو ته انهيءَ جنگ ۾ 10 جهاز ڪيرايا ويا هئا.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي پئي، ٻئي ملڪ ايٽمي جنگ جي طرف وڌي رهيا هئا، پر ٽيرف جي ذريعي جنگ کي روڪيو ويو.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ” منهنجي خيال ۾ اِها واقعي سخت ويڙهه وڙهي رهيا هئا.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.