اختر مينگل جي اٽڪل 17 مهينن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان ڏنل استعيفيٰ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سردار اختر مينگل جي قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت تان استعيفيٰ اٽڪل 17 مهينن کانپوءِ منظور ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ بي اين پي اختر مينگل جو استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ گذريل رات منظور ڪئي ۽ سندس استعيفيٰ ان تاريخ کان منظور ٿي جنهن تاريخ تي هن ڏني هئي.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته سردار اختر مينگل جنوري 2026 تائين قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سموريون مراعتون به استعمال ڪندو رهيو.
ياد رهي ته اختر مينگل قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان 3 ڊسمبر 2024ع تي استعيفيٰ ڏني هئي، سندس استعيفيٰ اٽڪل 17 مهينن کانپوءِ منظور ڪئي وئي آهي.
سردار اختر مينگل اين اَي 256 خضدار ون تان فيبروري 2024 ۾ ايم اين اي چونڊيو ويو هو ۽ سندس استعيفيٰ منظور ٿيڻ کانپوءِ اِها سيٽ خالي ٿي وئي آهي جنهن تي ايندڙ ٽن مهينن اندر ننڍي چونڊ ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.