امن ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي حڪمران گهر وڃن:راشد محمود

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) جميعت العلما سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومري بدين ۾ جميعت العلما شاگرد ونگ جي ڪنوينشن ۾ خطاب ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۽ سنڌ جا حڪمران چور دروازي کان آيل آهن ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ان ڪري انهن کي گهر واپس وڃڻ گهرجي. مولانا سومري ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪئي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ نوجوانن جي قتل جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته عورتن جي آزادي يورپي انداز تي آهي، جڏهن ته اسلام ۾ ان جو هڪ جدا تصور آهي. مولانا  سومري سوشل ميڊيا کي سمجهداري سان استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي کرپٽ حڪمرانن کي وائکو ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.