اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته اسان دهشتگردي جهڙي انتهائي خطرناڪ مسئلي تي بحث ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. دهشتگردي هاڻي رڳو قومي نه پر بين الاقوامي مسئلو بڻجي چڪي آهي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته دهشتگردي ڪيئن شروع ٿي؟ ڪڏهن ٿي؟ ان کي سمجهڻ لاءِ ماضي ڏانهن وڃڻو پوندو. پشاور جي ايئر بيس تان آمريڪي جاسوس جهاز روس جي جاسوسي ڪري رهيو هو، جنهن کي روسين ماريو. ان واقعي کانپوءِ آمريڪا ۽ روس جي ڇڪتاڻ وڌي ۽ پوءِ افغانستان ۾ روسي فوج داخل ٿي،هن چيو ته افغانستان ۾ روس جي اچڻ سان سڄي دنيا، مذهبن، ملڪن ۽ ايجنسين گڏجي جنگ شروع ڪئي، ۽ پاڪستان کي عالمي بدمعاشن جي تجربي گاهه بڻايو ويو. اسان جي ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر، منشيات، راڪيٽ لانچر ۽ تشدد داخل ٿيو. هٿيار سستا ٿيا، ماڻهو ماريا ويا، شهر تباهه ٿيا، ۽ خاص طور ڪراچي سميت سمورو ملڪ رت ۾ وهنجندو رهيو،هن چيو ته لکين افغان پناهگير آيا، هزارين شهيد ٿيا، افغانستان مڪمل طور تباهه ٿي ويو. پوءِ به اسان فخر سان چوندا رهياسين ته اسان سپر پاور کي شڪست ڏني پر حقيقت ۾ ان جا نتيجا اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون،هن چيو ته هي دنيا انتهائي ظالم آهي. جڏهن انهن جي مفادن تي رهنڊ نه اچي ته انسانيت جا ليڪچر ڏين ٿا، پر جڏهن مفاد هجن ته لکين انسان مارڻ ۾ دير نٿا ڪن جيئن عراق ۾ ڪيو ويو، هن چيو ته هاڻي هڪ نئون نقشو تيار ٿي رهيو آهي ڪردستان، آزاد بلوچستان، آزاد پشتونستان، ڪمزور پاڪستان.مذهبي ۽ لساني بنيادن تي ورهاست ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن اهڙي ريت قومن کي ورهايو ويو ته ايران، ترڪي، شام، عراق ۽ پاڪستان سڀ باهه ۾ سڙي ويندا،هن چيو ته دهشتگرد ڪو پاڳل ناهن. ماڻهو تڏهن هٿيار کڻن ٿا جڏهن انهن سان انتها جي ناانصافي ٿئي. ناانصافي نفرت پيدا ڪري ٿي، نفرت تشدد پيدا ڪري ٿي، ۽ پوءِ گوليون هلن ٿيون.قرآن چوي ٿو ته انصاف ڪريو، انصاف تقويٰ جي ويجهو آهي،هن چيو ته 75سال جيڪي غلطيون ڪيون آهن، اچو ته هاڻي وساري انصاف تي ٻڌل رياست ٺاهيون.ڪو به پاڪستان جي خلاف ناهي.ڪو به نٿو چاهي ته ملڪ ٽٽِي. پر طاقت جو سرچشمو هي پارليامينٽ هجڻ گهرجي، ايجنسيون يا بند ڪمرن جا فيصلا نه،هن چيو ته سينيٽ کي به قومي اسيمبلي برابر اختيار ڏنا وڃن.سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي وسيلن تي پهريون حق اتان جي ماڻهن جو هجڻ گهرجي.دهشتگردي جو حل بندوق نه، پر انصاف، جمهوريت، شفاف اليڪشن، ۽ قومي ڳالهه ٻولهه آهي.پاڙيسري ملڪن سان گڏ ويهي مسئلا حل ڪرڻا پوندا. اچو ته خدا کان به معافي وٺون، عوام کان به، ۽ گڏجي پاڪستان کي بچايون.