ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان آمريڪا کي شڪست ڏئي مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان آمريڪا کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي.
ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون.
صاحبزادا فرحان 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، بابر اعظم 46، شاداب خان 30، صائم ايوب 19 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
جواب ۾ آمريڪا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪتسان طرفان عثمان طارق 3، شاداب خان 2، محمد نواز، ابرار احمد ۽ شاهين آفريدي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.