پشاور ڪور هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس، عسڪري ۽ سياسي قيادت جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ڪور هيڊ ڪوارٽر ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سهيل آفريدي جي محسن نقوي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ملاقات خوشگوار رهي.
ذريعن موجب سهيل آفريدي ڪابينا سميت 3 ڪلاڪن تائين ڪو هيڊ ڪوارٽر ۾ رهيو، هنن مانجهاندو به ڪور هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪيو.
امن امان بابت اجلاس ۾ مالا ڪنڊ ڊويزن ۾ صوبائي حڪومت جي قاعدن ۽ ضابطن کي ماڊل طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ صوبي ۾ مستقل طور امن امان جي قيام لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ قبيلائي ضلعن جي بهتري لاءِ اجتماعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.